اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام ت??ئي?? معياري ۽ تصديق ٿيل معلومات جي فراهمي اهم آهي، ??طلاعات واري وزارت ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هو پيمرا هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پيمرا مانيٽرنگ جو اعليٰ ۽ معياري ميڪنزم قائم ڪ??و آهي، لاڳاپيل وزارت هجڻ سبب پيمرا سان اسان جو رابطو ۽ سهڪار گهڻو اهم آهي، ??هو رابطو هڪ ٻي جي ??جر??ن مان فائدو ۽ معلومات جي مٽاسٽا لاءِ نهايت ضروري آهي.