اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (تر??يمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قا??ون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام امن جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قا??ونسازي ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قا??ون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي (تر??يمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قا??ون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قا??ون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه مت??ثر شخص جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قا??ونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنه?? بزنس مين جو حق مت??ثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قا??ونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قا??ون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قا??ون نه ايندو ٻي قا??ونسازي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان کي اها قا??ونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.