لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪري سگه??ي. ??ن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏ?? حد تائين روڪيو ويو آهي.