اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. ا??و فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل ا??لا?? ۾ ڪيو ويو. ا??لا?? ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو اٽڪل 34 سيڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن جي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.