اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪو??ت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي گڏيل ذميداري ۽ ف??ض آهي، مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ تي آهن، مخالف ڌر ضدي ۽ ناراض ٻار ج?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ميمبرن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي ملندو آهي، ان لاءِ کين قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت تي وڌيڪ ذميداري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان به چاهي ٿو ته موثر قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي تائين پهچي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خاص معاون چيو ته مخالف ڌر ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي.