اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خصوص?? معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لا??ِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوص?? معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لا??ِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.