اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري ن??را?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي خوشحالي نوجوانن کي سمورين ضروري مهارتن سان آراسته ڪرڻ ۾ موجود آهي. ملڪ ۾ هنرمندي جي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. اهڙو اظهار هن يونيورسٽي جي وائس چانسلر سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هنرمندي جي تعليم جي لاءِ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان کي عوام کي روزگار ڪمائڻ جي صلاحيتن واري تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. قومي خوشحالي جو حتمي حل نوجوانن کي انهن سمورين ضروري مهارتن سان ليس ڪ??ڻ ۾ موجود آهي جن جي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ روزگار فراهم ڪندڙ ادارن کي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته اهم ڳالهه اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي تيار ڪيل هنري تعليم جي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري ڳوٺاڻي سنڌ ۽ ٻين صوبن جي ڏورانهن علائقن کي ڪافي فائدو پهچي سگهي ٿو. جيڪڏهن نيشنل اسڪلز يونيورسٽي جي تعليمي حڪمت عملي کي لاڳو ڪيو وڃي ته هنرمندي جي تعليم تائين پهچ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار افتتاحي ميٽنگ دوران پرو چانسلر جي ويزن جي تعريف ڪئي. بريفنگ سيشن ۾ تعليم واري وزير يونيورسٽي طرفان پيش ڪيل مختلف هنر سيکارڻ وارن پرو??را??ن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ پنهنجي عملي کي مشورو ڏنو ته اهو نيشنل اسڪلز يونيورسٽي اسلام آباد جي دوري جو اهتمام ڪري. هوڏانهن ن??را?? وفاقي وزير تعليم کي ملڪ ۾ هنري تعليم جي لاءِ يونيسڪو يو اين اي وي او سي سينٽر طور تي اين ايس يو جي منفرد عالمي اعزاز جي باري ۾ ??گا??ه ڪيو ويو. پروفيسر مختار چيو ته پرو چانسلر جي علمي بصيرت، ڳوٺاڻن علائقن جي نوجوانن جي مسئلن جي باري ۾ ??گا??ي ۽ بهترين شخصيت قومي تعليم ينظام کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي ڀائديمند ثابت ٿيندي.