اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هم نيوز جي اينڪر پرسن ثمر ع??اس جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن ثمر ع??اس ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته والده جو لاڏاڻو تمام وڏو سانحو آهي، گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حوم کي جنت ۾ جڳهه اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ع??ا فرمائي.