اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائم ذريعي اسرندڙ ملڪن مان هر سال اربين ڊالر جي غيرقانوني منتقلي ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان جي حڪومت ان جي تدارڪ جي لاءِ اندروني طور تي قدم کڻي رهي آهي، عالم?? سطح تي ان سلسلي جي روڪٿام لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مالياتي ڏوهه ڪندڙن کي انصافن جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻ??ئڻ جي ضرورت آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار وزيراعظم نيويارڪ ۾ عالمي مالياتي احتساب ۽ شفافيت ۽ سالميت (ايف اي سي ٽي آءِ) جي حوالي سان اعليٰ سطحي پينل جي عبوري رپورٽ جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.