حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، ??اڪ??تان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقل??تن سان ناروا ۽ انساني?? سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقل??تن سان جيڪو ناروا ۽ انساني?? سوز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ اقل??تن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ۽ اسان قائداعظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو تعلق سنڌ صوبي سان هو. هو هتي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.