اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پريس آفيسرن کي سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ لاءِ سچي دل ۽ عزم سان پنهنجون ذميداريون سرانجام ڏيڻيون پونديون، نوان چونڊيل آفيسر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگ?? ڪن جيڪو ملڪي ترقي لاءِ مدد??ار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاه??ين ملڪ نون مقرر ٿيندڙ پريس اتاشين کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عائشه فاروقي به ان موقعي تي موجود هئي. اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومتي قدمن ۽ ملڪي تشخص کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪر??ار آهي، اهو ڪر??ار حاضر دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي ۽ جديد ميڊيا جي رجحانن کي اختيا?? ڪندي ادا ??رڻ?? پوندو.