ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ??اڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين ??و وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم ج?? آمريڪي دوري سان ??نهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ترقي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ??يڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.