اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سائلين کي انصاف جي فراهمي ۾ بار ۽ بينچ جو اهم ڪردار آهي، ضلعي عدالتن جي حالت ۽ مسئلا وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندا آهن، اسلام آباد جون ضلعي عدال??ون جڊيشل ڪامپليڪس ۾ منتقل ٿينديون. وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي پئي وڃي، مولانا فضل الرحمان هر بال تي ڇڪو لڳائڻ چاهي ٿو تنهن هوندي به ان جي آئوٽ ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ها??ِ ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.