اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ضرورت جي شين جي قيمتن جو هفتيوار بنيادن تي جائزو وٺڻ ۽ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ شين جي قيمتن تي ڪڙي نظ?? رکڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، گذريل هڪ سال ۾ حڪومت مشڪل فيصلا ڪيا جن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اقتصادي انگن اکرن ۾ ب??تري حوصلي جوڳي آهي جن ۾ وڌيڪ آندي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.