اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بحرين جي وزيراعظم خليفه ??ن سلمان الخليفه ??ي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ??يو آهي ته پاڪستان هڪ مثالي دوست کان محروم ٿي ويو، بحرين جي وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ مثالي ڀائيچاري جي روشن علامت ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين جي سفارتخاني آمد ۽ بحرين جي پاڪستان ۾ مقرر سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان بحرين جي قيادت ۽ ڏکويل خاندان لاءِ تعزيت جو اظهار ڪندي ??يو.