اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اهڙو طريقيڪار جوڙيو وڃي جنهن جو فائدو خاص طور تي غريب ط??قي ۽ پ??تي پيل علائقن کي ملي، ان حوالي سان ??وس منصوبو عملدرآمد جي مدي سميت پيش ڪيو وڃي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ۽ گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ڪابينا کي گذريل 13 سالن جي اوڳاڙين ۽ خرچن، سبسڊي ۽ گرانٽس جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو.