اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان نوجوانن کي هنر جي فراهمي جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان کي پاڻڀرو ملڪ ۽ مستقبل جي عالمي قوت بڻائڻ جي خواهشمند آهي. هو نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ آءِ سي ٽي جي شعبي بابت ق??مي سيمينار جي آخري سيشن جي صدارت ڪري رهيو هو. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو پريزيڊنٽ ليفٽينٽ جنرل محمد سعيد پڻ سيمينار ۾ موجود هئا. سيمينار ۾ قومي ۽ عالمي آءِ سي ٽي ماهرن، صنعتي ??عبن جي نمائندن ۽ سينيئر فوجي ۽ سول آفيسرن شرڪت ڪئي.