اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي سائبر اسپيس کي م??فوظ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هي قدم ملڪي شهرين، ڪاروبارن ۽ سرڪاري ادارن جي آن لائين ڊيٽا جي تحفظ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني ب??ائڻ جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ڊيجيٽلائيزيشن پاران سفر شروع ڪيو آهي جنهن سان سائبر ح??لن جا خطرا به وڌي ويا آهن، ان حوالي سان ٺوس قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سائبر/ انفارميشن سيڪيورٽي بابت ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.