اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پا??ستان ۾ آذربائيجان جي سفير علي عليزاده ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته پا??ستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا هموار آهن، پا??ستان آذربائيجان س??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نه رڳو ثقافتي، مذه??ي ۽ جاگرافيائي هڪجهڙائي آهي پر علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موق?? رکن ٿا، پا??ستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جا موقعا موجود آهن. قومي اسيمبلي ۾ قائم پا?? آذربائيجان پارلياماني دوست گروپ پارلياماني رابطن ۾ اضافي جي لاءِ مناسب فورم ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪشمير جي مسئلي جو ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي.