اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ وفاقي حڪومت، سمورا رياستي ادارا ۽ صوبا هڪ ئي صفحي تي ??هن?? آپريشن ??رب عضب، نيشنل ايڪشن پلان، آپريشن ??دالفساد ۽ خيبر فور شروع ڪيو ويو جن سان اهم ڪاميابيون به مليون ??هن?? موجوده حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي حامين جي خلاف ڪاررواين جي راهه هموار ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي افسوسناڪ واقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت جي موثر قدمن جي ڪر?? سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، دهشتگردي ر??و پاڪستان جو مسئلو نه پر هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن تي گڏيل ڪوششن ??ي ذريعي ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.