اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ مو??انا فضل الرحمان ??ان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئ??. گهرو وزير، مو??انا فضل الرحمان جي خيريت معلوم ڪئ?? ۽ سندس صحت جي حوالي ??ان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ڪي پي ڪي خاص ڪري ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئ?? وئي. محسن نقوي ۽ مو??انا فضل الرحمان امدادي شين جي قافلن جي پارا چنار آمد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪرم ۾ امن جي قيام لاءِ سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو آ??ي، ڪجهه ڌُريون ڄاڻي واڻي ڪرم معاملن کي غلط رنگ ڏنو، صورتحال جي بهتريءَ لاءِ گرينڊ جرڳي جي مخلصفاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته مو??انا فضل الرحمان ??ان پُراڻي نيازمندي آهي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مو??انا فضل الرحمان جو هاڪاري ڪردار تعريف جوڳو آهي.