اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وز??را??ظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پاڻ ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم جي صدارت ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وز??را??ظم چيو ته انساني اسمگلنگ پاڪستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پاڪستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي حوالي ??ان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي حوالي ??ان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئن??جم??نٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي ??ان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي و??ير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، وز??را??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.