اسلام آباد– 17 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف رڪارڊ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته 10 سا??ن ۾ پهريون ڀيرو نومبر 2024ع ۾ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 729 ملين آمريڪي ڊالرز تي پهچي وڃڻ ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آه??. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي، مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ۾ ترتيبوار گهٽتائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ اضافو حڪومت جي مثبت معاشي پاليسين جو واضح ث??وت آه??، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۾ رڪارڊ اضافي سا?? پاڪستان جي عالمي معاشي مارڪيٽ ۾ پوزيشن مستحڪم ٿيندي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس سا?? پاڪستاني معيشت ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم محمد ??هباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد ??ورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ حڪومت جي معاشي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪيو.