راولپنڊي-29 آڪٽوبر (ا?? پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهي?? احمد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جن??ل اليگزينڊر وي فومين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته گڏيل فوجي مشقن ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضبوط ڪرڻ جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويا. آءِ ا??س پي آر موجب ايئر چيف روس سان فوجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرامز، فوجي مشقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڪرنل جن??ل ايگزينڊر وي فومين موجوده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان موجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فوجي لاڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت جي فراهمي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.