واشنگٽن_ 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاڪستان جي معيشت جي ??حالي ۽ سڌارن لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ، مالياتي خسارو گهٽائڻ ۽ ڍانچيوار سڌارن ذريعي جٽادار ترقي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ جي -24 وزيرن ۽ گورنرن جي ??جلاس ۾ شرڪت دوران اسرندڙ ملڪن جي ??رپيش چئيلينجز تي ڌيان ڇڪرايو. ناڻي واري وفاقي وزير ٽيڪس ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽيڪس نظام کي وڌيڪ منصفاڻو ۽ اثرائتو بڻائڻ، توانائي جي ??عبن ۾ سڌارن، ۽ سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ تي زور ڀريو. هن مختلف عالمي مالياتي ادارن ۽ مل??ن سان ملاقاتن ۾ ٻه طرفي ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمي سيڙپڪارن جي ??وصلا افزائي لاءِ قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ماحولياتي تبديلي، آبادي ۾ اضافي ۽ ٻارن جي واڌ ويجهه جهڙن اهم مسئلن جي ??ل لاءِ سمورن ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڀريو . هن چيو ته عالمي برادري کي پاڪستان جي ??قتصادي پاليسين جي ??مايت ڪرڻ ۽ ملڪ کي معاشي چئلينجز مان ڪڍي ترقي جي ??ستي تي گامزن ڪرڻو آهي. ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وزير ان موقعي تي جي-24 بيورو جي ٻئي نائب صدر طور مالي سال 25-2024 ع دوران خدمتون انجام ڏيڻ جي ??زم جو پڻ اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير سٽي بينڪ جي وفد سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن (سي او سي ايس)، پينشن ۽ حڪومتي سائز کي درست ڪرڻ لاءِ جاري سڌارن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن ??وڊ ٽو مارڪيٽ جي ڊگهي مدي جي ??ڪمت عملي جو پڻ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ تائين رسائي جي ??مڪان جو جائزو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو. انهن قدمن جو مقصد اقتصادي سڌارن ذريعي پاڪستان جي مالي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ترقي جي ??اهه هموار ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مختار ڊيوپ سان ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اهم اقتصادي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهين ۾ اسلام آباد هوائي اڏي لاءِ ٻولين، متنوع ادائيگي جا حق (DPR) جي ??ستعمال، آف شور بانڊ ذريعي مقامي ڪرنسي ۾ اضافو ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۽ هائوس بلڊنگ فنانس ڪاپوريشن جي نجڪاري جهڙا موضوع شامل هئا. ناڻي واري وزير آءِ ايف سي طرفان پاڪستان کي مشاورتي ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ زرعي ڪاروبار، صحت جي ??ارسنڀال، پاڻي، آمدرفت ۽ ڊجيٽل انفرا اسٽرڪچر ۾ جديد مالياتي ماڊلز لاڳو ڪرڻ لاءِ تعاون جي ??رخواست ڪئي. هن ??جلي جي پهچ ۽ ورڇ جي نيٽ ورڪ کي جديد بنائڻ جي ??ڪومتي ترجيحن تي روشني وڌي، جنهن ۾ آءِ ايف سي جي فني مدد سان وڌيڪ فائدو کڻڻ جو امڪان آهي. پ?? آءِ اي جي نجڪاري جي ??مل ۾ آءِ ايف سي جي ??مايت کي به ساراهيو ويو، جنهن ??ي حڪومت سال جي ??خر تائين تڪميل جي ??ميد رکي ٿي. ملاقات جي پڄاڻي تي ناڻي واري وزير مسٽر مختار ڊيوپ کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت ڏني ته جيئن ملڪ ۾ جاري سڌارن، ترقياتي منصوبن جو ويجهي کان جائزو وٺي سگهي. ناڻي واري وزير V20 وزارتي ڊائيلاگ ”مالياتي سڌارا، قرضن جي ??ل ۽ قابليت جوڳي سرمائي ذريعي موسمياتي خوشحالي جو احساس“ جي موضوع تي شرڪت ڪندي پاڪستان جي موسمياتي خوشحالي منصوبي جي قيام جي ??ياري جو اعلان ڪيو. هن ??المي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ??رورت تي زور ڀريو ته جيئن ماحول لاءِ قرض کي گهٽ ڪرڻ جي ??صول کي عملي جامو پارائي سگهجي. هن گهڻ رخي ترقياتي بئنڪن (MDBs)کان مطالبو ڪيو ته هو گرانٽس ۽ رعايتي فنانسنگ جي موقعن ۾ اضافو ڪن ته جيئن اسرندڙ ملڪن لاءِ مالياتي مدد فراهم ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير V20 کي هڪ سرڪاري بين الحڪومتي گروپ طور عالمي مالياتي فنڊ طرفان تسليم ڪرڻ جي ??مايت ڪئي. واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بئنڪ – آءِ ??يم ايف جي ??الياني گڏجاڻي دوران، ناڻي واري وزير سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجد عان به ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ??اريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيو ۽ گڏيل اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ جو عزم ڪيو. ملاقات ۾ سعودي وزير توانائي جي ??عبي ۾ سعودي عرب جي ??جربن جي مٽاسٽا ڪئي ۽ ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير واشنگٽن ڊي سي ۾ منعقد مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ??حالي ۽ سڌارن جي ??والي سان اهم پاليسي قدمن تي روشني وڌي. ترڪي جي ناڻي واري وزير سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ٻنهي ملڪن جي ??اريخي ۽ ڀائراڻو لاڳاپن کي ساراهيندي ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڀريو. هن پاڪستان کي توانائي جي ??عبي ۾ ترڪيه جي ??جربن مان سکڻ جي ??جويز ڏني ۽ ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني هم منصبن سان گڏيل فائديمند گڏيل منصوبن (JVs) ۾ شرڪت جي ??عوت ڏني. انهي دوران آمريڪي ناڻي واري اسسٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نيمن سان ملاقات ۾، ناڻي واري وزير ٽيڪس جي ??نياد کي وسيع ڪرڻ، سبسڊي سڌارن، توانائي جي ??عبي جي ??حالي ۽ سرڪاري ڪمپنين (SOEs)جي ??وڙجڪ جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن ??ءِ ??يم ايف جي ??وسيعي فند سهولت (EFF) کي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪي حمايت تي ٿورو مڃيو، جڏهن ??ه مسٽرنيمن پاڪستان جي ڍانچا جاتي سڌارن جي ??زم کي ساراهيو، جن جي نتيجي ۾ مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ڏسڻ لاءِ ملي. ناڻي واري وزير بلومبرگ کي انٽرويو ڏنو ۽ بئنڪ فنڊ اسٽاف ايسوسيئيشن آف پاڪستانيز جي نمائندن سان ملاقات به شامل هئي. انهن ??مورين سرگرمين جو مقصد پاڪستان جي ??قتصادي ترقي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.