اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستا?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت ۽ واپار جي گڏيل ورڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) اجلاس جي موق??ي تي جمهوريه قزاخستا?? جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ اجلاس ۾ قزاخستا?? جي شرڪت جي آجيان ڪندي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ان سلسلي ۾ وزيراعظم هن سال جولاءِ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراه?? جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ قزاخستا?? جي تعاون ۽ ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ بهترين ٻ??رفن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي حصيداري جي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي باقاعده ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم زراعت ۽ واپار جي گڏيل روڪنگ گروپس جو اجلاس جلد گهرائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. قزاخستا?? جي وزيراعظم پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه جي طور تي پاڪستا?? جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. هن علائقائي رابطن، واپار ۽ ترقي کي وڌائڻ جي لاءِ قزاخستا?? جي بطور شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ ٻطرفي طور تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قزاخستان پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ وڏي واپاري حصيدار جي طور تي ڏسي ٿو. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.