اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اقليتي ڪميشن جي ميمبر البرٽ ڊيوڊ چيو آهي ته شنگه??ئي سهڪار تنظيم(ايس سي او) ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، ان سان نه صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو خطرو آهي پ?? ع??لم?? سطح تي به وطن عزيز کي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پوندو. سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مذهبي اقليتون ايس سي او ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن ته ان ڪانفرنس ذريعي ملڪ ۾ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. اقليتي ڪميشن جي ميمبر چيو ته هن وقت وطن عزيز جنهن نازڪ دور مان ??ذر?? رهيو آهي ان ۾ سموري سي??سي پارٽين کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ سوچڻ گهرجي. البرٽ ڊيوڊ چيو ته احتجاجي سياست سان قومي مفادن کي شديد نقصان ٿيندو ۽ وطن عزيز وڌيڪ نقصان برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته شنگه??ئي سهڪار تنظيم جي ڪانفرنس ملڪ ۾ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ ملڪ جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکندي ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ نمائندن جي پ??ڪستان آمد جي موقعي تي سمورين سي??سي پارٽين وچ ۾ ملي يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو نظر اچڻ ضروري آهي.