واشنگٽن-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف جي ??اڪ??تان لاءِ نَون پروگرامن جي منظوريءَ ۾ آمريڪي مدد جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته چين جي سهڪار سان ئي پروگرام کي حاصل ڪرڻ ممڪن بڻجي سگهندو، نَون پروگرامن کي حاصل ڪرڻ ۾ دوست ملڪن مالياتي ??رورتن کي پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ طبقي تي واڌو بار رکيو ويو هو ان کي گهٽ ڪيو ويندو. واشنگٽن ۾ آمريڪي نشرياتي ??داري کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته جيڪڏهن هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام ثابت ٿئي ته ان لاءِ ملڪي معيشٽ ۾ بنيادي سڌارا آڻڻا پوندا. هن چيو ته جڏهن به ملڪ جي مجموعي ترقي 4 سيڪڙو کان مٿي ويندي آهي ته پرڏيهه مان آيل مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ٿي ويندي آهي. ملڪ جي معيشت کي ايڪسپورٽ معيشت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ معاشي ڍانچي ۾ تبديليون آڻڻ ضروري آهن جنهن کانپوءِ ئي ملڪ کي ايندڙ 3 سالن لاءِ اڳيان وٺي وڃي سگهون ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت وٽ هاڻ معاشي سڌارن کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي ۽ ان لاءِ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر موجود شعبن کي ٽيڪس جي دائري ۾ آڻڻو پوندو. هن چيو ته پگهاردار ۽ مينيوفيڪچرنگ طبقي تي ??يڪو واڌو بار لاڳو ڪيو ويو هو ان کي گهٽ ڪيو ويندو ۽ ريٽيلرز، هول سيلرز، زراعت ۽ پراپرٽي جي شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته ??ذر??ل سال محصول ۾29 سيڪڙو واڌ باوجود جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح 9 سيڪڙو رهي هئي جيڪا ڪنهن به ملڪ جي معيشت کي استحڪام نٿي ڏياري سگهي، حڪومت هاڻي نان فائلرز جو اصطلاح ختم ڪرڻ وڃي رهي آهي ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن تي ??هڙيون پابنديون لڳائينداسين ته هو گهڻا ڪم نه ڪري سگهندا. هن چيو ته حڪومت وٽ ماڻهن جي زندگي گذارڻ جي ڊيٽا موجود آهي ته ڪنهن وٽ ڪيتريون گاڏيون آهن، ڪيترا پرڏيهه جا سفر ڪيا ۽ ٻيا خرچ ڪهڙا آهن، جنهن کي ڏسندي ايف بي آر ٽيڪس ادا نه ڪندڙن کي حراست ۾ وٺڻ بنا کين ٽيڪس نيٽ ۾ آڻينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته ??اڪ??تان ۾ 9 کرب ڊالرن جي غير دستاويزي معيشت آهي جنهن کي دستاويزي شڪل ۾ آڻي پاڻ ملڪي معيشت کي ڊبل ڊجٽ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وسيع سوچ رکي ٿو ته ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو نه پر نجي شعبي جو ڪم آهي. ان لاءِ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي حڪومتي ??دارن جي نجڪاريءَ جي عمل کي آخري مرحلي ۾ وٺي وڃي چڪي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪا آءِ ايم ايف جو سڀ کان وڏو حصيدار آهي ۽ معاشي سفارتڪاري ۾ هر شيءِ کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي، آمريڪا ??اڪ??تان جو ڊگهي عرصي کان وڏو واپاري شراڪتدار آهي جنهن جو هڪ واضح بنياد اهو آهي ته آمريڪا ??اڪ??تان جي سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ آهي. آمريڪا ماضيءَ ۾ به ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري ڪندو رهيو آهي ۽ اميد آهي ته مستقبل ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو. محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ واشنگٽن جي ??اڪ??تان لاءِ قرض پروگرام جي حمايت کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته يورپي يونين جو جي ايس پي پلس پروگرام ??اڪ??تا??ي ايڪسپورٽ خاص طور تي ڪپڙي جي صنعت لاءِ لائيف لائن جي حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه چين سان سي پيڪ ون کانپوءِ فيز ٽو ??اڪ??تان جي صنعت جي بحالي ۽ ترقيءَ لاءِ اهميت رکي ٿو. ??اڪ??تان لاءِ چين جي قرض پروگرام ۾ آءِ ايم ايف جي دلچسپي بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته ??اڪ??تان دوست ملڪن کان جيڪو قرض وٺي رکيو آهي ان ۾ چين جو ڳاڻيٽو سڀ کان وڌيڪ آهي. ان لاءِ مالياتي فنڊ اهو پُڇي ٿو ته ان کي واپس ڪيئن ڪندؤ. چيني قرض جا تفصيل ٻُڌائيندي هن چيو ته چين طرفان پاليسي بئنڪ، نجي بئنڪ ۽ حڪومت طرفان قرض ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان، چين ۽ آمريڪا سميت ڪنهن سان به لاڳاپن ۾ زوال جي حڪمت عملي نٿو رکي پر اسلام آباد هڪ ئي وقت اوڀر ۽ اولهه سان معاشي ۽ سفارتي لاڳاپا گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير ناهي ٿي پر هي هڪ مرحليوار عمل جي نتيجي ۾ منظور ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ماضيءَ جي پروگرامن تي ??مل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ساک ۽ اعتماد جي کوٽ رهي، ??ذر??ل ڪجهه سالن ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدن کي کڻي ڏسو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته ان ۾ طئي ٿيل نُڪتن تي ??مل نه ڪيو ويو. محصول کي وڌائڻ ۽ خرچن کي گهٽ ڪرڻ ته نظر ايندو پر ٽيڪس ٽو جي ڊي پي، نجڪاري جهڙا سڌارا ڏسڻ ۾ نه ايندا. موجوده حڪومت پُرعزم آهي ته هن ڀيري 37 مهينن جي ان آءِ ايم ايف پروگرام موجب معاشي سڌارا آڻڻا آهن. هن چيو ته ??ذر??ل مالي سال جي پڄاڻيءَ تي ??پئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ آهستي ??هستي گهٽتائي ٿي آهي.