اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس 25 سيپٽمبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندي. رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال خاص م??ما?? هوندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماهر خطاب ڪندا. تفصيل موجب ??ن?? ٽينڪ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (پڪس) بحريه يونيورسٽي جي گڏيل طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي موضوع تي بحريه يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيو آهي. ان ڪانفرنس جو م??صد دهشتگرد جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان هاڻي تائين ڪاميابين ?? درپيش مسئلن تي بحث ڪندي عمل جوڳيون پاليسيون تجويز ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جو افتتاح وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. جڏهن ته پاڪستاني ۽ پرڏيهي نمائندا مقالا پيش ڪندا.