اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ت??قي لاءِ ضروري آهي، سياحت جي ت??قي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي، پاڪستان جو قد??تي حسن ۽ ثقافتي ورث?? سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سياحت کي هٿي ڏيڻ ملڪي، سماجي ۽ اقتصادي ت??قي لاءِ ضروري آهي. پاڪستان ۾ موجود سياحت جا تمام گهڻا موقعا معيشت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. سياحت معيشت جي مضبوطي ۽ مختلف ثقافتن ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان جو تاريخي، ثقافتي ورثو ۽ قد??تي حسن سڄي دنيا جي سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرائي سگهي ٿو. سياحت جي ت??قي سان پاڪستان جي عالمي سطح تي هاڪاري سڃاڻپ اجاگر ٿيندي. پاڪستان مذهبي ۽ ثقافتي سياحت جي لحاظ کان هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته موجوده حڪومت مختلف مذهبن ??ي مڃيندڙن کي انهن جي تاريخي ۽ مذهبي هنڌن تائين بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومت سياحت ذريعي سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽن جي خاتمي ۽ خطي جي گڏيل ورثي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جو قد??تي حسن ۽ ثقافتي ورث?? سياحن لاءِ دلچسپي جو سبب آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان روزگار جي موقعن ۽ مقامي آبادي جي پائيدار ت??قي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو.