نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ?? نيپال جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي نيپال جي وز??راعظم ڪي پ?? شرما اولي سان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي وز??راعظم محمد شهباز شريف ڪي پ?? شرما اولي کي نيپال جي وزارت عظميٰ جو عهد?? سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان ?? نيپال جي وچ ۾ گهري ٻطرفن لا??اپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام پاران نيپال جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون خاص طور تي واپاري، اقتصادي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??راعظم نيپال جي وز??راعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي تعاون جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.