اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي ??عا??لن تي هم آهنگي ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ ????را?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانيا جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جن کي مختلف شعبن ۾ تع??ون جي ذريعي وڌيڪ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم حڪومت جي ترجيحن خاص طور تي ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، سماجي رابطن سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ گهڻ رخي ??عا??لن تي هم آهنگي ۽ تع??ون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن جو ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن ۾ هڪ اهم ڪردار آهي. وزيراعظم ڪنگ چارلس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. برطانوي هاءِ ڪمشنر برطانوي حڪومت پ??را?? پاڪستان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.