لاهور – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات کي مشعل راهه بڻائڻ ئي ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل جي ڪُنجي آهي، پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه تي عمل پيرا ٿي دنيا ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، اسلامي تعليمات جي بنياد تي معاشرتي انصاف ۽ فلاحي رياست جو قيام ئي ترقي جو ضامن آهي. وز??راعظم عيد ميلادالنبي جي موقعي تي پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد محفل ميلاد کي خطاب ڪري رهيو هو. محفل ميلاد ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ، مواصلات وا??ي وفاقي وز??ر عبدالعليم خان، اڳوڻي وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، خوراڪ واري صوبائي وز??ر بلال ياسين سميت پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇو ته هي حضور نبي اڪرم ﷺ جي ولادت باسعادت جو ڏينهن آهي. وز??راعظم ان موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ حضور ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو ته معاشري ۾ گارگند، عدم برداشت، بدڪلامي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽڻ ۾ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، تفرقه بازي کان بچڻ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ورڇ، دشمن جي ايجنڊا آهي جنهن کي اسان کي گڏجي ناڪام بڻائڻو پوندو. عاشق رسول ﷺ هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته اسان جي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن کي تڪليف نه پهچي. هن چيو ته اسلام جي بهترين تبليغ اها آهي ته اسان اسوه حسنه موجب پنهنجون زندگيون گذاريون ڇو ته آقا ڪريم ﷺ جي غلام جو طرز عمل ان جي حڪمن جي منافي ڪڏهن به نه ٿو ٿي سگهي. اڄ معاشري ۾ ورڇ، گارگند ۽ انتهاپسنداڻو رويو فڪر جو لمحو آهي، اڄ جي مبارڪ ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات جي روشني ۾ منفي روين جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. حضور اڪرم ﷺ جهالت ۽ قتل و غارت تي فخر ڪندڙ معاشري کي بدلائي رکي ڇڏيو ۽ صحرا نشين سڏرائيندڙ دنيا جا امام بڻجي ويا ۽ اهو ئي سبب هو جو پاڻ ﷺ جي سچائي ۽ ايمانداري جي گواهي دشمن به ڏيندا هئا. پاڻ ﷺ جي اخلاق کي قرآن جي تفسير ٻڌايو ويو. پاڻ ﷺ ٻين جو بار کڻندي ۽ دشمنن سان به اخلاق سان پيش ايندا هئا. وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسلامي تعليمات جي بنياد تي معاشرتي انصاف ۽ فلاحي رياست جو قيام ئي ترقي جو ضامن آهي. هن سمورن پاڪستان??ن کي اپيل ڪئي ته اهي هن مبارڪ ڏينهن تي حضور ﷺ جي اسوه حسنه جي پيروي ڪندي محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏين. هن ان موقعي تي مسلمان امت جي اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته گڏيل اختلافن کي پٺتي رکي هڪ ٻئي سان احترام ۽ تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وز??راعظم چيو ته اسان کي اسلامي تاريخ جي ان روشن رخ کي ياد رکندي پاڪستان کي هڪ حقيقي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن جتي هر شخص کي انصاف ۽ برابر حق ملي سگهن. ان کان اڳ تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مفتي نع??م بٽ سيرت نبوي ﷺ تي خطاب ڪندي نبي ڪريم ﷺ جي زندگي جي ڪيترن ئي رخن تي روشني وڌي.