اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلينٽ جي عالمي سطح تي پاڪس??ان جي نمائندگي هڪ اعزاز آهي، حڪومت ملڪ ۾ فٽ بال جي راند جي واڌويجهه جي لاءِ مڪمل مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن تازو ئي ناروي ۾ پاڪس??ان جي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاق??ت ڪئي. ملاقات ۾ ڪپ??ان محمد عديل، ٽاپ اسڪورر محمد ڪاشف، ٽيم مئنيجر سيد محمد اويس، مسلم هينڊز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد جاويد گيلاني، ڊائريڪٽر گلوبل آپريشنز ارسلان نصرت، ڪميونيڪشن ڊائريڪٽر محمد ريحان طاهر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاء?? الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين وزيراعظم يوٿ پروگرام راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم ۽ بدر شهباز سان گڏوگڏ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ٽيم جا رانديگر پوري دنيا ۾ پاڪس??ان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، توهان سڀ رانديگر پاڪس??ان جا روشن ستارا آهيو، توهان جي بهترين ڪارڪردگي ان ڳالهه جي گواهي ڏي ٿي ته پاڪستاني نوجوانن کي موقعو ملي ته اهي پوري دنيا ۾ پنهنجي ص??اح??تن کي مڃرائين ٿا. هن چيو ته حڪومت پوري طرح سان توهان جي مدد ڪندي، پاڪس??ان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، تمام جلد پاڪس??ان ۾ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ هڪ جامع پلان لاڳو ڪرڻ جي شروع??ت ڪنداسين. وزيراعظم مسلم هينڊز جي پاڪس??ان اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي ترقي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. رانديگرن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم کي مسلم هينڊز پاران پاڪس??ان ۽ سڄي دنيا ۾ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال جي لاءِ قدمن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترجيحي بنيادن تي محڪماڻي راندين کي مڪمل طور تي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.