اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاال??ه تارڙ پي ٽي وي نيوز جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز اطهر و??ار عظيم جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن تعزيتي بيان ۾ مرحوم جي خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي هن چيو ته اطهر و??ار عظيم جي وفات جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پنجاهه سالن تي ٻڌل اطهر و??ار عظيم جي پيشيواراڻو ڪيريئر ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته اطهر و??ار عظيم جي پاڪستان ٽيليويزن لاءِخدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اطهر و??ار عظيم جي وفات سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. هن دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه ۽ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.