اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي دفاع لاءِ جرئت ۽ بهادري ج?? مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن، شهيدن ۽ ٻين ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون پوري قوم سان گڏجي پاڪ فوج جي جوانن، شهيدن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پاڪست??ن جي دفاع لاءِ بهادري س??ن جنگ وڙهي. هن چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اس??ن پنهنجي شهيدن ۽ غازين جي جذبي جي تجديد ڪندي پاڪست??ن جي دفاع ۽ نئين سر تعمير جي وچن جو ورجاءُ ڪريون ۽ پنهنجي قائد محمد علي جناح جي ويزن موجب محنت ۽ ديانت جي قدرن کي اختيار ڪندي پياري پاڪست??ن جي روشن مستقبل طرف قدم وڌايون.