ڪوئٽا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي چ??و آهي، ته دهشتگرد آسان هدف کي نشانو بڻائيندا آهن، اسان معصوم ماڻهن کي دهشتگردي جو نشانو بڻائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. بلوچستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، بلوچستان جي حڪومت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪالرشپس تي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ڏانهن موڪلي رهي آهي جڏهن ته بشير زيب انهن کي آپگهاتي بمبار بڻائي ره??و آهي. بلوچستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن جي حق ۾ ڪير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صوبائي ڪابينه جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ دهشتگرد?? جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ شهرين لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ دهشتگرد?? جي تازن واقعن ۾ جهڙي ??يت اضافو نظر آ??و آهي، ان تي بلوچستان اسيمبل?? جي ميمبرن متحد ٿي دهشتگرد?? جي مذمت ڪئي، اڄ صوبائي ڪابينه پڻ بلوچستان جي ماڻهن جي آواز کي ڏسندي نه صرف انهن واقعن جي مذمت ڪري ٿي.هن چيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد آسان هدف ڳولهين ٿا ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪن ٿا. هن چيو ته نالي ماتر جنگ جو نان ڪائنيٽڪ ريسپانس اسان سڀني دوستن تي لاڳو ٿئي ٿو. ضروري آهي ته گورننس جي ماڊل کي بهتر بڻايو وڃي، اسان کي هڪ پاسي ٿيڻو آهي، جنهن سان عام بلوچن کي فائدو ملي. هن چيو ته اڳ به صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهي حڪومت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هر وزير يا سيڪريٽري هر ضلع جو دورو ڪري ۽ صورتحال جو جائ??و وٺي.