اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ??ٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ظلم جو مظاهرو ڪ??دڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، گذريل ڏينهن گهرو وزارت جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي فائرنگ ۾ ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنبن سان تعزيت ڪئي جڏهن ته گهرو وزير زخمين جي جلد صحت يابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي??دڙ انسان نه آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.