اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير سيد محسن ن??وي جي صدارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير چيو ته ڪ??هن کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهر??ن ترجيع آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي. احتجاج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ احتجاج سا?? عوام جي روزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گهرو وزير محسن ن??وي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي جان مال لاءِ قانون جي عم??دا??ي کي يقيني بڻايو ويندو. سيد محسن ن??وي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.