اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري باجوڙ ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پاڪ فوج جي ٽن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي بيان ۾ ملڪ جي دفاع ??اء?? جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد قوم جو فخر آهن، پوري قوم احسان مند رهندي، سيڪيورٽي فورسز بهادر?? سان دهشتگردن جي دراندازي ڪوششن کي ??اڪام بڻايو، دهشتگردن کي ختم ڪيو. صدر چيو ته پاڪ فوج جي حب الوطني ۽ ايثار جي جذبي کي ??وري قوم سلام پيش ڪري ٿي، پوري قوم پنهنجي شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪري ٿي، قربانيون نه وساريندي. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ??اء?? صبر جميل جي دعا ڪئي.