ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار ڪوئيٽا ۾ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وا??و وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وز??ر، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. ڪالهه اربع ڏينهن نائب وز??راعظم اسحاق ڊار ڪوئيٽا ۾ جديد سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان جي وڏي وز??ر مير سرفراز بگٽي جي سربراهي ۾ صوبائي حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ڪوئيٽا ويسٽ مئنيجمينٽ جي منصوبي سان عوام کي صفائي سٿرائي جي بهتر سهولت ملندي.