اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته يومِ شهداءِ پوليس، بهادر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي جرئت ۽ دليري کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري هڪ بيان موجب وزيراعظم يومِ شهداءِ پوليس جي موقعي تي پوليس جي شه??د آفيسرن توڙي اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي، پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڏوهن جي پاڙ پٽيندي پنهنجون حيات??ون قربان ڪندڙ اهلڪارن جون قربان??ون لازوال آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوليس هميشه پهرين جٿي طور پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪارن هميشه پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي قوم جو مستقبل محفوظ ۽ روشن بڻايو آهي. پوليس جا شهيد قوم جو فخر آهن ۽ سڄي قوم شهيد پوليس اهلڪارن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته شه??د آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪٽنبن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميداري آهي. ان حوالي سان ڪا ڪوتاهي ٿيڻ نه ڏبي. هن چيو ته وفاقي حڪومت شهيدن جي ٻارڙن جي تعليم ۽ صحت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. شهيدن جي ڪٽنبن جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. هن چيو ته مون پنجاب جي وڏي وزير طور پڻ پنهنجي دور ۾ پوليس جي شهيدن جي ڪٽنبن لاءِ هڪ وڏو ۽ تاريخي پيڪيج ڏنو هو.