اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سان گهرو تعلق ??هي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي فنانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو ويندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد ??حم?? خان، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق ??ان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير ??حم?? کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، وجيه قمر، خورشيد ??حم?? جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.