اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه جن??ح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جن??ح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه جن??ح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي جن??ح جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه جناح تحريڪ ??زا??ي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ رهي. فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ ه?? ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ ??زا??ي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم رهي، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و ب??بو?? لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.