آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمي?? شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر سدير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.