اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان در??ني دوحه ۾ گڏ??ل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪست??ني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن افغانستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي و?? ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏ??ل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان در??ني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪست??ني نمائندي آمريڪا، چين،قطر، روس، ازبڪستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪست??ني وفد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ ??ار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏ??ل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پاڪستان کي ازبڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلو?? منصوبي جو جائزو ورتو ويو.