اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ??در امام علي رحمان جي ??عو?? تي 2 کان 3 جولاءِ تائين دوشنبي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوشنبي ۾ صدر امام علي رحمان، مجلس نمائندگان جي چيئرمين محمد طائر زيور ذوڪر زاده ۽ وزيراعظم قاهر رسول زاده سان ملاقات ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??هو دورو پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ باقاعده اع??يٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??اجڪستان جي ??وري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ??عبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون ته ??يئن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي علائقائي رابطن، واپار، عوام سان عوام جي ??ابطن ۽ توانائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي معاملن تي تعاون کي سگهه ڏئي سگهجي. وزيراعظم جي ??اجڪستان جي ??وري جي موقعي تي ڌريون تعاون جي مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪنديون.