اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد ش??باز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات ??و دورو ڪندو. اهو وزيرا??ظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات ??و پهريون دورو هوندو. وزيرا??ظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزير?? تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران وزيرا??ظم جي گڏيل عرب امارات ??ي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپ?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيرا??ظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. وزيرا??ظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.