اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مز??ور?? جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ انهن جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت قدمن جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو عالمي ڏينهن ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ ڪوشش ڪندڙ پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي. هن سال مز??ور?? جي عالمي ڏينهن جو موضوع موسميا??ي تبديلين دوران ڪم جي جڳهه تي سلامتي ۽ صحت کي يقيني بڻائڻ آهي، اسان مزدور جي وقار کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ انهن جي تاريخي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته هي ڏينهن مز??ور?? جي حقن، انهن جي سماجي تحفظ، منصفاڻي اجرت ۽ ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول بابت ڪوششون ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ مزدور ۽ پورهيت طبقي کي مهانگائي، زندگي جي ضرورتن جي وڌندڙ قيمتن، بيروزگاري ۽ موسميا??ي تبديلي جي منفي اثرن جهڙا چئلينجز درپيش آهن، پورهيت طبقي جي حالتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مناسب اجرت، ڪم جي لاءِ محفوظ ماحول، صحت جي سهولتن ۽ مز??ور?? جي ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته مز??ور?? جي استحصال جو خاتمو، سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻ، حقن جي تحفظ جي لاءِ پاليسيون لاڳو ڪرڻ ۽ عملدرآمد ۾ رياست جو اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته اڄ اسان دل جي گهراين سان ملڪ جي ترقي ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪندڙ پورهيتن جي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪندڙ مز??ور?? کي ضروري تربيت ۽ حفاظتي سامان جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مز??ور?? جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون، استحصالي طريقن جي خاتمي ۽ مز??ور?? جي لاءِ سماجي تحفظ جا پروگرام شروع ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ پورهيت ۽ مزدور طبقي جي لاءِ اهڙو سازگار ماحول پيدا ڪريون جتي انهن جي قدر ۽ عزت ڪئي وڃي، آجر منصفاڻي اجرت، مز??ور?? جي سلامتي ۽ صحت جي لاءِ قدم کڻن.