اسلام آباد – 19 – اپريل (ا?? پي پي) صدر آصف علي زرداري ??راچي جي علائقي لانڍي ۾ خودڪش ڌماڪي ۽ فائرنگ جي مذمت ڪندي پوليس جي دهشتگردن جي خلاف وقت سر ڪارروائي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پوليس جي وقت سر ڪارروائي وڏي ج??ني نقصان کان بچائي ورتو. صدر چيو ته پوري قوم گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪندي ۽ شرپسند ع??صرن جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو.